اڪال ڀونگومندر

اڪال ڀونگومندر

اڪال ڀونگو مندر

اڪال ڀونگو مندر: هي پراڻو مندر ڪراچيءَ ۾اسپينسر اکين واري اسپتال جي سامهون سييتل ڪمپائونڊ ۾ آهي. هن پوري علائقي کي ڪنهن وقت اڪال ڀونگو چيو ويندو هو. هي وڏو مندر هو پر خود هتان جي رهندڙ هندن جيڪي سيتل ڪمپائونڊ ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. مندر کي ڊاهي هتي گهر اڏيا آهن ۽ مندر کي محدود ڪري هڪڙي ڪمري تائين ڪيو ويو آهي. هن مندر تائين پهچڻ ۾ سوڙهين گهٽين مان گذري وڃڻو پوي ٿو ۽ گهڻي علائقي تائين گهٽين جي فرش تي اڃا مندر جا خوبصورت ٽائلز لڳل آهن. هي مندر پنهنجي اڏاوت ڪري لي مارڪيٽ ۽ رنڇوڙ لائين کان نظر ايندو هو. سيتل پاڙي ۾ ٻه ٻيا ننڍا مندر جيڪي ورهاڱي کان پوءِ ٺاهيا ويا آهن. انهن ۾ هڪ گڻيش ۽ ٻيو هڙمان (هنومان) مندر پڻ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو